اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزير??عظ?? آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? شهباز شريف سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد تڪاجي جي باني تڪاجي سوجي جي قيادت ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزير??عظ?? جاپاني سيڙپڪارن جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم جلد کان جلد کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? جاپاني سيڙپڪاري کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي خوش آئ??ده قرار ڏنو ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان حڪومت پاران هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وزير??عظ?? چيو ته جاپان پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ جاپان جي تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزير??عظ?? جي خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ش??ڪت ڪئي.
وزيراعظم سان جاپان جي بي ايس پي انويسٽمينٽ گروپ جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números dupla sena