ڪراچي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ بحريه جو سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ س??يل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جار?? آهي. جاري پڌرائي موجب ??اڪ بحريه جا جوان سنڌ جي مختلف علائقن سانگهڙ، ميهڙ، سلطان ڪوٽ، شاهه بندر، دولت پور، چوهڙ جمالي، سجاول ۽ ٺٽي ۾ امدادي ڪارروين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ??اڪ بحريه سنڌ سان گڏوگڏ امدادي ڪارروائين جو دائرو پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ٻوڏ س??يل علائقن تائين وڌائي ڇڏيو آهي، ??اڪ بحريه جا جوان ٻيڙين ۽ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ٻوڏ س??يل علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري رهيا آهن. ??اڪ بحريه طرفان متاثرن ۾ راشن بيگ، تيار کاڌو، صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون پيون وڃن. ??اڪ بحريه طرفان راجن پور، سانگهڙ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ميڊيڪل ڪيمپس کانسواءِ مختلف علائقن ۾ موبائيل ميڊيڪل ٽيمون به ڪم ڪري رهيون آهن، ??اڪ بحريه جي جوانن ڊيره اسماعيل خان ۾ چشمه روڊ جي عارضي مرمت کانپوءِ ان کي عام ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.
پاڪ بحريه پاران ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ رليف اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری