نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي ??اءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي ??وقعي تي افغانستان جي ??اءِ آمريڪا جي خصوصي نمائ??دي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سميت افغانستان ۾ اڳتي وڌڻ جي ??اءِ علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ??يو. هن افغانستان سان ٻطرفي ڳالهين جي حمايت سان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي ??سيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغانستان ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏي??دي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي ??وسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي ????يج?? ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي ??ڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائقائي ۽ عالمي اثر پوندا. افغانستان جي ??اءِ آمريڪي خصوصي نمائ??دي ٿامس ويسٽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي ??صيبتن جي خاتمي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي ??اءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.
عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا ضروري آهن، هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت