اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون ??تاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان ??هت??ون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٽي?? گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ا??ڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي?? آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان ??هت??ون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پاڪستان ??هت?? آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي ??هت?? آهي.
ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مختلف ملڪن مان 129 اڏامون سامان کڻي پاڪستان پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ