اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏ?? آهي، ٻ??ڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جيڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪ??تا?? کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته ??روعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصانن جي نشاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شام?? آهن. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? گرين هائوس جي اخراج جي لاءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??مريڪي ??ان??ريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪ??تا?? سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??مريڪا پاڪ??تا?? سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪ??تا?? ۾ ٻ??ڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغان??تا?? جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻ??ڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪ??تا?? جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں