مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معامل?? واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان مو??عي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فرانس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ ق??من کي پڻ ساراهيو. ان مو??عي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک