ڪراچي – 15 جون (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سامونڊي طوفان بائپرجوائي جي نقصان جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ ح??ومتي اد??رن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ??الھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنھن ??ه ايمرجنسي جي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ريسڪيو 1122 موجود آھي، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون گھرايون ويون آھن، (اڄ) جمعي تي تيز مينھن ??ي اڳڪٿي آھي، ھنگامي صورتحال ۾ عوام لاءِ ايمرجنسي نمبر جاري ڪيا ويا آھن. ھن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي علائقن مان 78 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي، 93 سيڪڙو آبادي محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي چُڪي آھي، سامونڊي علائقن ۾ پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي چُڪو آھي، حڪومت جي وقت سِر انتظامن سبب ڪوبه وڏو نقصان ناهي ٿيو، ٺٽي ضلعي ۾ ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. ھن ??ھرين کي گذارش ڪئي ته ماڻھو ڪراچي جي سمنڊ ڏانھن ??ُخ نه ڪن ۽ ح??ومت سان سھڪار ڪن. ڪراچي ۾ ميئر جي چونڊ جي حوالي سان ??الھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻھو نفرت جي سياست کي دفنائڻ وڃي رھيا آھن، جماعت اسلامي جھڙي فاشسٽ پارٽي شاگردن جي ھٿن ۾ ھٿيار ڏنا، جماعت اسلامي چاھي پئي ته پيپلز پارٽي کين پي ٽي آءِ جا ووٽ ڏياري، جمھوري روايتن موجب اسان رڳو پنھنجي لاءِ ووٽ گھري سگھون ٿا، ڪنھن ٻئي لاءِ نه، پي ٽي آءِ جا ماڻھو پنھنجن گھرن ۾ موجود آھن ??يڪڏھن ??ُھي ووٽ نه ٿا ڏين ته اسان ??ا ٿا ڪري سگھون. اسان ??راچي کي وڏيون وڏيون رٿائون ڏنيون، اھوئي سبب آھي ته ماڻھو پيپلز پارٽي کي چاھين ٿا، جماعت اسلامي ٻڌائي ته هنن ڪراچي کي ڇا ڏنو آھي.؟ ھن چيو ته جيڪڏھن پي ٽي آءِ وارا اسان جي ڳالھه ٻڌن ھا ته اسان ??ي ووٽ ڏين ھا، حافظ نعيم جي لاءِ ڪيئن ووٽ گھرون، ھُو سمجھي ٿو ته جيڪڏھن ڪنھن ??افظ نعيم کي ووٽ نه ڏنو ته اُن کي روڪيو ويو ھوندو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جماعت اسلامي کي شڪست ٿي چُڪي آھي، مرتضيٰ وھاب کٽي چُڪو آھي، جماعت اسلامي جيڪڏھن ??نڊا گردي ڪندي ته ڪنھن کي به قانون ھٿن ۾ کڻڻ نه ڏنو ويندو، پرامن احتجاج قانون جي دائري ۾ رھي ڪيو وڃي، ڪنھن ڀڃ ڊاھه ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ ح??ومت ڪنھن کي قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيندي. ڪراچي جي ميئر طور مرتضيٰ وھاب جي چونڊ جي خبر بعد سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان ??ڏ ميڊيا سان ??الھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته جيڪو کٽڻ وارو ھوندو آھي ، اُھو ڪڏھن ??ه ناھي وڙھندو، جماعت جي طرفان بسون ڀري غنڊا گھرايا ويا، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، 10 ماڻھو زخمي ٿيا. ھن چيو ته پيپلز پارٽي ??دا??ين پرامن سياست ڪئي آھي، پيپلز پارٽي ڪڏھن ??ه ڪنھن ??عصب پرستي جو مظاھرو ناھي ڪيو، پر جماعت اسلامي جيڪو ڪجھ ڪيو آھي اھو مذمت جوڳو عمل آھي. ھن چيو ته ڪنھن ??ه گڙٻڙ يا غنڊا گڙدي جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، پي ٽي آءِ و??رن جماعت اسلامي کي ووٽ نه ڏنو ته پيپلز پارٽي کي به نه ڏنو، ھڪ ڳالھه بلڪل چٽي آھي ته مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي شڪست ٿي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ ڪلھه چِلو ڪاٽي رھيو آھي، ھن ماڻھن ??ي ذھنن سان راند ڪئي، ماڻھن ??ان غلط ڳالھيون ڪيون ۽ ڪوڙ ڳالھايو، اڄ اُن شخص جي ڪري ماڻھو جيلن ۾ پيا آھن. ھن چيو ته اسان ??ي جيل ۾ قيد ماڻھن ??ان ??مدردي آھي، ڪوبه دھشتگرد پيدا ناھي ٿيندو اُن کي گمراھ ڪري اُن دڳ تي آندو ويندو آھي.
سامونڊي طوفان بائپرجوائي جي نقصان جي خدشي سبب امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن مان ماڻھن کي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ماڻھو سمنڊ ڪناري جو رُخ نه ڪن ۽ حڪومتي ادارن جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ سھڪار ڪن: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان