بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ز??عي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان م??اقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ز??عي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپار ۾ به اضافي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آجيان ڪئي.
حڪومت زرعي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina