سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ??يرقانوني طور تي قبضو ڄمائي ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين عطائي، خواجه فردوس، ياسمين ر??جا، زمروده حبيب، فريده جي، جاويد احمد مير، فياض حسين جعفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شف??ع لون، هلال احمد وار، مولانا مصيب ندوي، شف??ق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب س??ينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ننڍي کنڊ جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪشميرين جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪشميرين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قبضي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آهي ۽ ??ڏي?? قومن ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آهي، هن ڪشميرين جا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آهن ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي ??مل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ٿا ڪن ۽ جيستائين انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.
ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی