اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرار?? جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻه?? جي قتل عام کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتور?? جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته عالمي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته عقل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي انسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪن ٿيون. صدر چ??و ته دنيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻهن کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چ??و ته جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪ??و ته جنگ جي خاتمي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل ملڪ?? جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳائي ٿو. صدر چ??و ته غزه ۾ اسرائيل پاران فلسطيني?? جي وڏي پئماني تي قتل عام تي عالمي برادري جي فوري ڌيا?? جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چ??و ته اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطينين کي وحشياڻي قتل عام جو نشانو بڻائي رهيو ??هي ۽ وڏي پئماني تي فوتگين کي گڏيل نقصان قرار ڏئي رهيو آهي. صدر چ??و ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل قومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرارن کي وڌائڻ ۽ جنگين کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل قوم?? جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر چ??و ته تڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چ??و ته انهن چئلينج?? جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عالمي تعاو?? جي ضرورت ??هي جنه?? جي لاءِ قابل عمل نظامن کي اختيار ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي صدر ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چ??و ته دنيا قدرتي ۽ انساني آفت?? جي ور چڙهيل آهي. وقت اچي ويو ??هي ته انسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل موقف اختيار ڪيو وڃي. هن تڪرار?? جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عالمي ڌيا?? جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني?? جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.
عالمي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل