اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??ين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي رو??ن آهي، صدر شي جي عالمگير ترقي جي نظريي جي دنيا معترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئ??ن سال شروع ٿيڻ تي چائنا ريديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه ??ين جي عوام کي نئ??ن سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ??ين جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهيا آهن، ڪا به حڪومت يا موسم هجي، ??ين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته عوامي جمهوريه ??ين جي صدر شي جن پنگ جي نئ??ن سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جڏهن کان ??ين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ ??ين جا لاڳاپا هڪ نئ??ن دور ۾ داخل ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه ??ين ۽ ??ين جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ترقي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ترقي نه پر هڪ عالمگيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو ملڪ باقي دنيا کان جدا رهي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا اسرندڙ رهي، ترقي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته ترقي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ترقي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??ين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ترقي جي هڪ نئ??ن نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا هاڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه ??ين جو نظريو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن سان ??ين جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به عالمگيريت تي ٻڌل ترقي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وچ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت ??ذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو عالمگيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون ??ين جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن چيو ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز ??ين ويا ته انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن چيو ته پاڪ ??ين دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام رو??ن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ترقي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔