اسلام آباد – 04 – ??نو??ي (اي پي پي) نگر??ن وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قطر س??ن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر نگر??ن وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگر??ن وزيرا??ظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀا??را??ا لاڳاپا آهن، پاڪست??ن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. نگر??ن وزيرا??ظم قطر جي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگر??ن وزيرا??ظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن قطري سفير کي چيو ته هو سياحت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگر??ن وزيرا??ظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگر??ن وزيرا??ظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري دوران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان قطر سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا