پشاور – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوري قوم خيبرپختونخواهه ??وليس جي قرضي آهي جيڪا جذبي، بهادري ۽ حوصلي سان دهشتگردن جي خلاف وڙهي رهي آهي. پشاور ۾ پوليس درٻار ۾ خيبرپختونخواهه ??وليس جي اهلڪارن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته توهان ??هي ماڻهو آ??يو جيڪي رياست جي سلامتي لاءِ وڙهي رهيا آهيو، شهيد يقينن جنت جا مستحق آهن جڏهن ته مخالف گروهه جو مقدر سدائين جي لاءِ جهنم ۾ رهڻ آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز الله جي ان واعدي ته سڌي راهه تي هلندڙن کي دشمن جو ڪو خوف ن??هي هوندو، کي نظر ۾ رکندي دهشتگردن سان سدائين بي خوفي سان وڙهي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته توهان جيڪا جنگ وڙهي رهيا آ??يو اها اخلاقي طور تي صحيح آهي ان لاءِ توهان کي پنهنجو فرض پوري يقين، حوصلي ۽ اعتماد سان ادا ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم شهيد صفوت غيور ۽ شهيد ملڪ سعد کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن کي خيبرپختونخواهه ??وليس جو اثاثو قرار ڏنو. اي پي ايس سانحي ۾ دهشتگردن جي ظلم جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن جي ظلم کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته موت هڪ حقيقت آهي جيڪا ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي ان لاءِ ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. دهشتگردن جي هر حملي جو جواب وڌيڪ طاقت ۽ ڀرپور انداز ۾ ڏنو ويندو. شرپسندن جي شديد مذمت ڪندي نگران وزيراعظم زور ڏنو ته هو زندگي جي آخري لمحي تائين انهن جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. ??هي بزدل آهن، انهن ۾ سامهون اچي وڙهڻ جي همت نه آهي ۽ سدائين پٺيان کان وار ڪن ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، ??هي همدرديءَ جا مستحق نه آهن، ??هي بزدل، ظالم ۽ بي حس آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪي دهشتگرد ماريا ويا انهن جا نالا ڪنهن کي معلوم نه آهن پر شهيدن جا نالا وڏي عرصي تائين ياد رکيا ويندا. هن چيو ته دهشتگردن پنهنجي مرضي سان رياست سان جنگ شروع ڪرڻ جي چونڊ ڪئي پر انجام انهن جي خواهشن موجب نه ٿيندو. هن زور ڏئي چيو ته رياست ان جنگ کي کٽيندي، ان ۾ ڪجهه ??قت لڳندو پر ان جو کٽڻ اسان جو مقدر آهي ڇو ته اسان سڌي رستي تي آهيون. الله تعاليٰ به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي صراط مستقيم تي هجن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي دانشمندي ۽ صحيح حڪمت عملي سان وڙهڻو پوندو. هن ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف سموري ويڙهه کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه ??وليس جا مطالبا پورا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخواهه اختر حيات گنڊاپور چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ کان متاثر آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ??وليس صوبي ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهي رهي آهي ۽ هن ان جنگ ۾ ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ??وليس دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ ٻين ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي دهشتگردن جي خلاف بهادري سان وڙهي رهيا آهن. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان پوليس کي جديد ترين هٿيارن ۽ سهولتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ مالي مدد جو مطالبو ڪيو.
پوري قوم خيبرپختونخواهه پوليس جي قرضي آهي جيڪا جذبي، بهادري ۽ حوصلي سان دهشتگردن جي خلاف وڙهي رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات