بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پرتڪلف مانجهاندو ڏنو، چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي جنهن ۾ گرمجوش ڀائراڻن لاڳاپن جي جهلڪ واضح رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ڀائراڻن جذبن ۽ شاندار ميزباني تي ??ورا ادا ڪيا ۽ چيو ته چين عظيم ۽ قابل اعتماد ڀاءُ آهي، چين جي ترقي تي ??ر پاڪستاني کي فخر آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته توهان جي جذبي، ڪم جي رفتار ۽ وچن جي پاسداري کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ان موقعي تي ??اڪستاني ملي ن??من جي ڌُنن مانجهاندي جي فضا کي پاڪ چين دوستي جي رنگن جي قوسِ قزاح بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان گڏ مانجهاندي ۾ آيو ته چين جي فوج جي بينڊ پاڪستاني ملي ن??من جون ڌُنون وڄائڻ شروع ڪيون. ”دل دل پ??ڪستان“، ”دل سي مين ني ديکا پاڪستان، جان سي ميرا ڌرتي ??ه ايمان“، ”مين ڀي پاڪستان هو?? تو ڀي پاڪستان هي“، ”جيوي جيوي پاڪستان“ جون ڌُنون وڄايون ويون. ٻنهي وزيراعظمن مسڪراهٽن ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏني. ان موقعي تي ??انجهاندي ۾ شريڪ پاڪستاني وفد جي ميمبرن ڀر??ور تاڙين سان بينڊ کي داد ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران پرتڪلف مانجهاندو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی