اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ مالي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقا?? ۾ ??ين??ڙ بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وزيراعظم ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر ??حس?? ا??بال پڻ موجود هئا. صدر آصف ع??ي زرداري چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقن جو خاص خيال رکيو وڃي. صدر ۽ وزيراعظم اين??ڙ بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف صدر کي چين جي تازي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena