ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي ڪراچي ۾ پاڪستان ج?? باني قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي گارڊن جي تبديلي جي شاندا?? تقريب منعقد ٿي. هن ڀيري پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي اصغر خان جي ھڪ چست جٿي قائد اعظم جي مزار تي گارڊن جون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ، ائير وائيس مارشل شھريار خان تقريب جو خ??ص مھمان ھو. جاري ڪيل پڌارئي مطابق ايئر وائيس مارشل شھريار خان پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ باباءِ قوم جي مزار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح رح جي مزار تي پاڪستان ايئر فور?? جا 74 ڪيڊٽس پيشيوراڻين ذميوارين لاءِ مقرر ٿيا، جن ۾ 61 مرد ۽ 13 عورت ڪيڊٽس شامل آھن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں