اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پي??اوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روسي فيڊريشن جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير اليڪسي گرزديو ملاقات ڪئي جنهن ۾ روسي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اس??يل مل جي قيام سميت صنعتي ۽ زرعي شعب?? ۾ ??عاون وڌائڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. صنعت ۽ پي??وار واري وزارت مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ روسي فيڊريشن جي نائب واپاري نمائندي ڊينس نيوزوروف جڏهن ته صنعت ۽ پي??اوار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي سيڪريٽري علي طاهر، ايڊشنل سيڪريٽري، امير محي الدين، ڊپٽي چيف صنعت ۽ پي??اوار واري وزارت عبدالصمد، ايگزيڪٽو انجنيئر پاڪستان اس??يل ملز محمد شعيب شريڪ هئا. ملاقات ۾ روس جي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اس??يل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن ڳالهين لاءِ ورڪنگ گروپس جي جوڙجڪ تي به اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اس??يل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اس??يل مل جي قيام لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل ايراضي ڪراچي ۾ واقع آهي جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شهر ۽ محرڪ آهي. اها زمين پورٽ قاسم جي ويجهو واقع آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي پي??اوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون. روسي فيڊريشن جي نائب وزير اليڪسي گرزديو چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي مشينري فراهم ڪندو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روسي فيڊريشن جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس