اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏي?? قومن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ ج?? سطح ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏ??اڻ??ون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي سطح تي گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي اڳواڻن جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏي?? قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، امن ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏي?? قومن جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ