پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ اهم مش??ور??ي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جو گڏيل فيصلو ٿيو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب خميس ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پشاور جي دوري دوران گورنر هائوس وي?? جتي اهم مش??ور??ي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير امير مقام، اي اين پي جو صدر ايمل ولي خان، ميان افتخ??ر، قومي وطن پارٽي جي سڪندر حيات شيرپائو سميت ٻي سياسي قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿ??. اجلاس ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا ۽ ڪانڊنٽ ايف سي به شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت