اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪر??ٽر?? آمنه بلوچ پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث فخر جو سبب آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثقافتي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪر??ٽر?? آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي ورثي تي پنهنجي گهري فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گنڌارا جي قديم تهذيب مو??ود?? پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي سيڪر??ٽر?? آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان قديم ثقافتن ۾ جد??، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ متوازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا ثقافتي اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ ??ي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪر??ٽر?? يقين ڏياريو ته پرڏيهي آفيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اسٽيڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪستان جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪر??ٽر?? حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.
پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria