اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف 22 سالن جي عمر ۾ 8 هزار ميٽر ڊگهيون دنيا جو 14 چوٽي??ن سر ڪندڙ گهٽ عمر وارو پاڪستاني بڻجي ويو آهي. ننڍي عمر واري پاڪستاني جبل چاڙهو شهروز ڪاشف هڪ ٻيو يادگار ڪارنامو سرانجام ڏيندي دنيا جون 8 هزار ميٽر ڊگهي??ن سموريون 14 چوٽي??ن سر ڪرڻ جو سفر مڪمل ڪري قومي جهنڊو هڪ دفعو ٻيهر بلند ڪيو آهي. هن 8 هزار 27 ميٽر بلند شيشا پنگما چوٽي سر ڪري ورتي. شهروز پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. شهروز ڪاشف سرباز خان کانپوءِ ٻيو پاڪستاني آهي جنهن سموريون 14 بلند ترين چوٽي??ن سر ڪيون آهن. سرباز گذريل هفتي شيشا پنگما سر ڪري اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهريون پاڪستاني مانيٽنئر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ