اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چين جي وزيراعظم لي چيانگ ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ معيشت، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن سميت اهم شعبن ۾ ٻطرفو اسٽريٽجڪ تعاون وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ويو ته ٻئي مل?? پاڪ – چين اقتصادي لنگهه منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪن. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي صدر چيو ته چين سان دوستي پ??ڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو اهم جز آهي، هن ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ا??ميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪ چين لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. صدر واپاري ۽ عوامي رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته چيني ڪمپنين کي پ??ڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
هن چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ جي مدد سان چين جي ا??تصادي ترقي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. صدر کيس ٻڌايو ته هو هلندڙ سال نومبر ۾ چين جو دورو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، هو پراڻي دوستن سان رابطا قائم ڪرڻ ۽ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو منتظر آهي. صدر ملاقات دوران پنهنجي حڪومت جي دور ۾ چين جي ڪيل گذريل دورن تي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان کي گڏيل اهميت جي ا??م مسئلن تي چين جي سدائين مستقل حمايت حاصل رهي آهي. هن دهشتگرد حملي ۾ ٻن چيني شهرين جي مارجڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو دل ڏکوئيندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻيو. صدر چيو ته پاڪ چين دوستي جا دشمن چيني شهرين کي نشانو بڻائي ٻطرفا لاڳاپا خراب ڪرڻ ۽ سي پيڪ منصوبن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته دشمن پنهنجي ڪڌي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، هن ڏوهارين کي مثالي سزا ڏيڻ جي پ??ڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري ا??وان صدر ۾ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پڻ مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي.