??اڪ?? – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ??اڪ?? ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي انتهائي شڪار ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گ??جي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان گ??جي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.
آذربائيجان جي صدر سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن