واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي رياست نيوجرسي ج?? ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني سفير فوزيه جنجوعه سان ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جي ??يثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمري??ي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي ??ماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمري??ي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمري??ي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي ??ڪ جي ??اپ??رين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو دورو ڪري ۽ کين پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ??اپ??ري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پاڪستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو جيڪي ملڪ جي ??قافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات