گڏيل قومون_20 جون(اي پي پي)گڏيل قومن غزه ۾ ڇهن اسرائيلي هوائي ح??لن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2018 فلسطينين جي شهادت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو ۽ اهو عمل جنگي قانون جي خلاف ورزي جي نشاندهي ڪري ٿو،گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي آفيس او ايڇ سي ايڇ آر ??نهجي تازي رپورٽ ۾ غزه ۾ 6 اسرائيلي ح??لن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن جن ۾ هڪ ئي طريقو اخت??ار ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ا??هن ح??لن ۾ رهائشي گهرن، اسڪولن، پناهگير ڪيمپن ۽ هڪ مارڪيٽ تي ح??لن ۾ 2 هزار پونڊ جا بم استعمال ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، ا??ساني حقن جي آفيس انهن ح??لن ۾ 218 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي جيڪي 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزه ۾ شروع ٿيل جنگ جي شروعات ۾ ٿيا آهن، گڏيل قومن موجب شهادتن جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.انساني حقن جي آفيس جي سربراه وولڪر ترڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل پاران بمن ڪيرائڻ جي مهم ۾ جنگ ۾ انهن طريقن جي لڳاتار خلاف ورزي ڪئي وئي آهي جيڪي شهري نقصان کان بچڻ لاءِ ان کي هر حد تائين گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ اخت??ار ڪيا ويندا آهن، غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي ح??لن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار 372 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo