جده-04 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمدبن سلمان سان آمريڪي سينيٽر ڪوري بوڪر وفد سميت ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ايس پي اي موجب جده ۾ سعودي ??لي عهد آمريڪي سينيٽر ڪوري بوڪر ۽ ان جي وفد جي آجيان ڪئي .ملاقات دوران ولي عهد ۽ آمريڪي سينيٽر سان آيل وفد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلق، سهڪار جو جائزو ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزاده ريمابنت بندر، سعودي ??ومي سلامتي جي صلاحڪار، مملڪتي وزير ۽ ??اب??نه جي ميمبر ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان ۽ مم??ڪت ۾ آمريڪي سفير م??ئي??ل رٽني به موجود هيو.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا