اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر بدران ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن سميت آرگنائيزرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪ??دي چيو آ??ي ته مخالف ڌر جي جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين باقي ڪرسيون ۽ سائونڊ سسٽم ڏيندڙن کي نه ڇڏينداسين، ڪرسيءَ ڇڏي ڏيندس پر بدعنوان عنصرن کي اين آر او نه ڏيندس، اين آر او ڏنم ته اها سڀ کان وڏي غداري هوندي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته آئون انهن جي جلسن سان دٻاءُ ۾ اچي ويندس پر اها انهن جي غلط فهمي آهي، مخالف ڌر پارٽين کي ملڪ جي ايشوز ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، هي ماڻهو رڳو چاهين ٿا ??ه آئون انهن کي اين آر او ڏئي ڇڏيان، 22 ڪروڙ مان رڳو 15 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، ماڻهو ٽيڪس ڏيندا ته ملڪ ترقي ڪندو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي دور ۾ ملڪ جو قرض 6 هزار ارب ڊالر مان 30 ارب ڊالرز تائين پهتو، قرضن جي قسطن جي ادائيگي سان ملڪ تي بار وڌي ويو، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان فرار ٿيندڙ آزاد گهمي رهيا آهن، ڪجهه صحافي هاءِ ڪورٽ ويا ته نواز شريف کي تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، هي اربين رپيا ڦريندڙن کي اظهار راءِ جي آزادي جو نالو ڏئي رهيا آهن، اهڙي سوچ سان معاشري کي نقصان پهچي رهيو آ??ي، ماضي ۾ ڪراچي، بلوچستان، فاٽا ۽ گلگت بلتستان کي نظرانداز ڪيو ويو، بدقسمتي سانملڪ ۾ جنسي ڏوهه وڌي رهيا آهن، ٻارن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙن کي عبارتناڪ سزائون ڏينداسين، نبي ڪريم صه کانسواءِ ڪنهن کي رول ماڊل نه ٿو سمجهان، اسان کي انهن جي زندگي مان سکڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ڏيندي و??يراعظم چيو ته اسان جي ملڪ جو وڏو مسئلو آ??دني ۽ خرچ ۾ خسارو آ??ي، اهو ٻن سالن جو نه پر گذريل 40، 50 سالن جو مسئلو آ??ي، (ن) ليگ جي 5 سالن جي دور ۾ روانگي و??پار 5 سيڪڙو گهٽ ۽ آمدني و??پار 60 سيڪڙو وڌيو، جڏهن روانگي و??پار ۽ آمدني و??پار جو ايترو وڏو فرق هجي ته ائين ڪ??ڙو ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو، سنگاپور جي آبادي 50 لک آهي ۽ ا?? جو روانگي و??پار 323 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته حڪومت جي لاءِ پهريان ٻه سال مشڪل هئا پر هاڻي ملڪ جو رخ تبديل رهيو آ??ي، گذريل 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو اسان جو ملڪ انڊسٽريلائيزيشن طرف وڃي رهيو آ??ي، گذريل 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل چئن مهينن کان سرپلس ۾ وڃي رهيو آ??ي ۽ روانگي و??پار 25 سيڪڙو تائين پهچي ويو آ??ي، جيڪي ماڻهو پڇن ٿا ??ه اسان ٻن سالن ۾ ڇا ڪيو، انهن کي ٻڌايان ٿو ته اسان هي ڪيو آ??ي.
مخالف ڌر جي جلسي ۾ رڪاوٽ نه وجهنداسين: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ