ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو ??ق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرس?? مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزور طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آهيون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان جو ??ظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تح?? مالي مدد جي معا??ري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو ??حساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو ??ڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو ??لاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهم?? جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معا??ري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.
مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas quina