اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪي??ن ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس س??ب 32 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 16 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ ه??ار 541 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 32 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 29 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مر??ض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 20 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 ه??ار 846 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 ه??ار 709، پنجاب ۾ 18 ه??ار 79، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ه??ار 995، اسلام آباد ۾ 6 ه??ار 252، بلوچستان ۾ 802، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 664 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 42 ه??ار 393 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪي?? وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 216 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 22 ه??ار 285 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 77 ه??ار 482 آهي.
24 ڪلاڪن دوران ڪوورنا جا 1541 ڪيسز، 32 فوتگيون رپورٽ، ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 22 هازار 285 آهي: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر