اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي ويند??سي??، وزيراعظم عمران ??ان ??ءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي ??سي??بلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي ??سي??بلي ۾ ناڻي واري وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو ??ه آهي پر 74 سالن کان ??هو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان ??ه ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ??ن کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان ??ڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهو??سي?? کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان ??قتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ??رب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان ??و روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان ??ي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو ??يو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽيڪسيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان ??ي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي ويند??سي??. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪند??سي?? ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپين تي کڻي ويند??سي??.
2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين کڻي وينداسين: شوڪت ترين
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن