اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي ??ئي??ڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ م??وث بئنڪ ۽ ??ئي??ڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سان اپيل جمع ڪرائڻ تي ??ئي??ڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ??ئي??ڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ئي??ڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ م??وث عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل موڪلڻ جي ??ئي??ڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وفاقي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، ??ئي??ڪو وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ڪندڙن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احم?? ۽ ??حمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته ??ئي??ڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل موڪليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ڪندڙن ان پريشان ڪندڙ صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رقم ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه موڪلي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم ??ئي??ڪو کي موڪلڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته ??ئي??ڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ م??وث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي م??وث بئنڪ ۽ ??ئي??ڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
صدر پاران وفاقي محتسب جي آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa