اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ ا??غا?? عوام سان گڏ بيٺل آهيون، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ ا??غا?? ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??غا??ستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ا??غا?? وفد ۾ وقتي ناڻي وارو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم ا??غا??ستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ا??غا?? عوام جي مدد لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس ا??غا??ستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن ا??غا??ين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياست ۾ سمورين ڌرين جي سمو??يت سان ا??غا??ستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري ا??غا?? حڪومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان ۾ فوري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لاءِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ سهولت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر مڪن قدم کڻڻ جي لاءِ ا??غا?? عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ا??غا??ستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي بابت چرپر جي لاءِ ا??غا?? ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سهولت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فروغ جي لاءِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل