ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انش??رن?? محتسب (ايف آئي او) جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاقي انش??رن?? محتسب ٻنهي ڌرين يعني انش??رن?? پالي??ي هولڊرز ۽ انش??رن?? ڪمپنين جي رضامندي سان وڏي انگ ۾ شڪايتن کي حل ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گ??رن?? هائوس ۾ وفاقي انش??رن?? محتسب جي اهتمام هيٺ انش??رن?? انڊستري ۾ شفافيت جي اهميت جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي 410 ملين رپين جو مالياتي ريليف فراهم ڪيو آهي ۽ هن سال مالياتي ريليف ۾ 2.13 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته مالياتي ريليف جا اهي انگ اکر ايندڙ سال 2.30 ارب رپين تائين وڌڻ جي اميد آهي. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايف آئي او وٽ شڪايتن جي داخلا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جو ازالو 90 سيڪڙو رهيو ۽ ڪل رجسٽرڊ ڪيسن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز 60 ڏينهن جي اندر اڪلايا ويا. عوام ۾ وفاقي انش??رن?? محتسب جي حوالي سان گهٽ آگاهي تي هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل سان 4 کان 5 سيڪڙو ماڻهو هن اداري بابت ڄاڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن اداري پاران ڏني ويندڙ خدمتن کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. صدر وفاقي انش??رن?? محتسب کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بدعنواني جي خلاف متاثر پالي??ي هولڊرز کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي انش??رن?? محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته قومي جي ڊي پي ۾ انش??رن?? سيڪٽر جو حصو گهٽ آهي ۽ قومي ناڻي ۾ ان جو حصو وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ مئنيجر ان اسڪيم تحت انش??رن?? پاليسين جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو ان جي نوڪري جو حصو نه آهي. هن چيو ته اها به انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته بئنڪ مئنيجر معصوم صارفين کي ڦاسائڻ جي لاءِ انش??رن?? اسڪيمن بابت بئنڪنگ صارفين آڏو حقيقتن کي غلط بيان ڪري ٿو. هن چيو ته هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن صورتحال جو ج??ئزو وٺي سگهجي ۽ پالي??ي هولڊرز کي دوکيبازي جي سرگرمين کان بچائي سگهجي. بعد ۾ صدر ڪليم سيٽلمينٽ جا چيڪ شڪايت ڪندڙن جي حوالي ڪيا.
وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم