اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي ??ٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي ??زير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ه?? چيو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آ??ي ۽ ڪامياب اسپورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي پنهنجي صل??حيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آ??ي، ه?? چيو ته نوجوان ڪامياب ٿيندا ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي ??ٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ه?? چيو ته هاڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي ??اليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نوجوانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي ??زير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي عالمي سطح تي ??اڪستان جي نمائندگي ڪندا، ه?? چيو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اسپورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، ه?? چيو ته نوجوانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي ??زيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آ??ي.
وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي اچي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2