ٽورنٽو – 4 نومبر (اي پيپي ) ڪينڊا جي وزيراعظم ٽو??نٽو ويجهو هندو مندر ۾ ٿيل تشدد جي واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ناقابل قبول قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽو??نٽو جي علائقي بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ چڪريون ٿيون جنهن جو ال??ام ڪجهه سک ڪارڪنن تي لڳايو ويو آهي. بريمپٽن ٽو??نٽو جي اتر اولهه ۾ اٽڪل 50 ڪ??و ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته هندو سڀا مندر ٻاهران وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ريجنل پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪا گرفتاري ناهي ٿي. ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا مندر ۾ تشدد جون ڪاروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون نه آهن. ڪينيڊا جي هر شهري کي آزادي ۽ تحفظ سان پنهنجي عقيدي تي عمل پيرا ٿيڻ جو حق آهي. لبرل پارٽي جي هڪ ميمبر چندر آريا ان وقعي جو ال??ام خالصتانين تي لڳايو آهي. هن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪينڊا جي خالصتاني انتهاپسندن ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته بريمپٽن ۾ هندو سڀا جي اڱڻ ۾ هندو ڪينڊين عقيدت مندن تي خالصتانين جو حملو ظاهر ڪري ٿو ته ڪينيڊا ۾ خالصتان?? پرتشدد انتها پسندي ڪيتري وڌي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ ويڊيو ۾ خالصتان جا ڦڪي رنگ جا جهنڊا ڏيکاريا ويا آهن، واضح رهي ته خالصتان هڪ عليحدگي پسند تحريڪ آهي، جيڪا سکن لاءِ هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري ٿي، ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ناتا هن وقت ڇڪتاڻ اختيار ڪري ويا آهن. جڏهن ته اوٽاوا ڀارتي حڪومت تي 2023ع ۾ 45 ورهين جي ڪينيڊا جي شهري هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي رٿابندي جو ال??ام لڳايو، جيڪو خالصتان تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. هرديپ سنگهه نجر جي قتل کان علاوه ڪينيڊا ڀارت تي اهو به ال??ام لڳايو آهي، ته اهو سندن ڌرتي تي سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي مهم هلائي رهيو آهي.
ٽورنٽو ويجهو هندو مندر ۾ تشدد جو واقعو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي: ڪينڊا جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد