اسلام آباد – 26 اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع، توانائي، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير ياور جمالوف سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌ??ڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياور جمالوف جي آجيان ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو جن??ن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا