اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 9 نومبر کان حڪومت جي 100 ڏ??نهن واري پلان جي هدفن ۽ ڪاميابين کي مرحيلوار عوام جي سامهون رکڻ، وزيراعظم جي چين جي دوري ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي جي حوالي سان معاهدن ۽ ايم او يوز ڪرڻ، پي آءِ اي ۽ پاڪستان اس??يل مل جي نئين سرجوڙجڪ جي لاءِ کين نجڪاري جي فهرست مان ڪڍڻ، ميجر جنرل فياض حسين شاهه کي آءِ جي ايف سي نارٿ، ميجر جنرل راحت نسيم الرحمان کي آءِ جي ڪي پي ڪي نارٿ، جسٽس حسنات احمد خان جي ويج بورڊ جي چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ??سرو بختيار سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena