بيجنگ – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي ملاقات ۾ ٻنهي ا??واڻن سي پيڪ تي ا??ڀرائي جو جائزو وٺندي ان جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ فائدن جي لاءِ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ٻنهي ا??واڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڌندڙ سياسي ۽ اقتصادي بي يقيني واري حالتن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ا??واڻن جي ملاقات پيپلز گريٽ هال ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي تحفظ، گڏيل تصورن ۽ ??گه?? مدي واري نظام جي فروغ لاءِ چين سان گڏ بيٺل آهي، غربت جي خاتمي ۽ بدعنواني جي خاتمي جي شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ جا خواهش??ند آهيون.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2