اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اسمگل ٿيل فونز جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ڊي آءِ آر بي ايس نظام لاڳو ڪرڻ، اي سي سي جي فيصلن موجب کنڊ برآمد ۽ ڀاڻ درآمد ڪرڻ، عارف عثماني کي نيشنل بئنڪ جو صدر ۽ عبدالجبار شاهين کي ايڪسپورٽ پروموشن زون اٿارٽي جي سربراه?? جي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ??ئي ڇڏي آهي. وزيراعظم 28 نومبر تي ڪرتارپور ويزا فري داخلا پوائنٽ کولڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. اهڙي ڄاڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا ج?? اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڏني.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔