اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مس??حي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏ??ندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام ج?? ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ??رو??ي آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ??رو??ت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ان ڏ??نهن ان عظيم مس??حا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مس??مان جي حيثيت سان حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيسا??ي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.
سينيٽ چيئرمين پاران مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados