اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ ??اڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل اوپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪ??و هو. پي ٽي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبو?? موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شفافيت جي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ??رڻ?? پوندي.
يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil