نٿيا گلي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪس??ان ۾ سيڙپاري ڪن، ان راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪنداسين، اسان جي حڪومت سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهي آهي، اسان جي مخالفت ڪرپٽ ماڻهو ڪري رهيا آهن، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، رڳو سياحت جي فروغ ذريعي پاڪس??ان پنهنجو ٻاهريون قرض لاهي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نٿيا گلي ۾ عالمي هوٽل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير ۽ علائقي جا معززين پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم جي لاءِ عطيا گڏ ڪرڻ ۽ بعد ۾ سياست ۾ متحرڪ ٿيڻ جي ڪري ان??ن جو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين سان تمام گهڻو رابطو رهيو آهي ۽ هو ان??ن کي تمام سٺي طرح ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو تمام وڏو اثاثو آهن. بدقسمتي اسان ان??ن مان صحيح معنيٰ ۾ فائدو نه کڻي سگهياسين ڇو ته اسان جي ملڪ جو نظام اهڙو آهي جنهن ۾ حڪومت عوام جي لاءِ نه پر پنهنجي فائدي جي لاءِ سوچي ٿي جڏهن ته حڪومت جو ڪم عوام جو فائدو ڏسڻ ۽ ان??ن جي ضرورت پوري ڪرڻ هجڻ گهرجي. اها اسان جي نظام جي خرابي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي ضرورت دولت ۾ ا ضافو ڪرڻ آهي ڇو ته دولت ۾ اضافي سان نوڪرين جا م??قع?? وڌندا ۽ ٽيڪس جي ادائگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسان قرض واپس ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. حڪومت ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهي آهي. اسان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ م??قع?? پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي هتي اچي سيڙپڪاري ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته 90 لک پاڪستاني ٻاهر آهن، ان??ن جي سالياني آمدني 22 ڪروڙ ماڻهن جي برابر آهي. سڀ کان وڌيڪ دولتمند ۽ هنرمند پاڪستاني پاڪس??ان کان ٻاهر آهن ڇو ته سسٽم ان??ن کي هتي م??قع?? فراهم نه ڪيا. جڏهن اهي ٻاهر ??يا ته اتي وڃي ڪامياب ٿي ويا ڇو ته ا??ان جو نظام بهتر هو. م??قع?? نه هجڻ جي ڪري ملڪ جو ٽيلينٽ ٻاهر ??ليو ويو. وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري جي ذريعي نوجوانن کي روزگار جا م??قع?? ملندا. ماضي جي حڪومتن روانگي واپار وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي جڏهن ته ملڪ روانگي واپار سان ئي امير ٿيندو آهي. وزيراعظم چيو ته سنگاپور جو 300 ارب ڊالر جو روانگي واپار آهي جڏهن ته اسان جو روانگي واپار هن سال 30 ارب ڊالر ٿيڻ جي اميد آهي. اسان تمام گهڻيون شيون برآمد ڪري سگهون ٿا پر ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوشش ئي نه ڪئي پر حڪومت هاڻي ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته روانگي واپار وڌڻ سان دولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ رپيو مضبوط ٿيندو ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ م??قع?? فراهم ڪندي. ماضي ۾ ان??ن جي پلاٽن تي قبضا ٿي ويندا هئا. اهي 15، 15 – 20، 20 سال ٻاهر ??حنت ڪري هتي اچي پلاٽ وٺندا آهن ته ان??ن جي پلاٽن تي قبضا ٿي ويندا هئا ۽ اهي هن سسٽم آڏو بيوس ٿي ويندا هئا. اسان ملڪ جي سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ قانون جي بالادستي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. جيئن جيئن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي ويندي سمنڊ پار پاڪستاني پاڻ هتي اچي سيڙپڪاري ڪندا ڇو ته ان??ن ۾ اهو اعتماد هوندو ته ان??ن جي ملڪيت ۽ پلاٽن تي قبضو نه ٿيندو. وزيراعظم چيو ته وڏن وڏن ماڻهن ملڪ جي دولت ڦري ٻاهرئين ملڪ محل ٺاهيا، ڪرپٽ ماڻهو گڏجي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اهي سسٽم کي ٺيڪ ٿيندي نه ٿا ڏسڻ چاهين ڇو ته ان??ن هن ڪرپٽ نظام مان فائدو کنيو آهي. اهي پاڪس??ان بدران پاڻ ٻاهرئين ملڪ وڃي سيڙپڪاري ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. اسان بهتري طرف گامزن آهيون. صنعتون هلي پيون آهن، سيڙپڪاري اچي رهي آهي ۽ معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۾ سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا م??قع?? موجود آهن. اسان کي ان سلسلي ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان سياحت جي شعبي ۾ ڪيترائي قدم کنيا جن جي ڪري گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ موجب غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي. وزيراعظم چيو ته دولت ۾ اضافو سياحت جي ذريعي ٿي سگهي ٿو. گليات ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ تمام وڏو قدم آهي. ان سان دولتمند ماڻهو سياحت جي لاءِ ايندا ۽ اسڪئينگ ۽ ريزارٽس کي فروغ ملندو. اسڪئينگ جا جيترا م??قع?? پاڪس??ان ۾ ايترا ڪٿي ٻئي هنڌ نه آهن ڇو ته پاڪس??ان ۾ سردين ۾ جابلو علائقن ۾ دير تائين برف رهي ٿي. وزيراعظم چيو ته عيد جي موڪلن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 27 لک سياح آيا. اسان سياحتي جاين جي زوننگ ڪنداسين ۽ سياحتي جاين کي ليز تي ڏينداسين. حڪومت سياحت جي شعبي جي ترقي لاءِ زمين سستي اگهن تي ڏيندي ڇو ته سياحت اهڙو شعبو آهي جنهن کي فروغ ڏئي اسان پنهنجو ٻاهريون قرض لاهي سگهون ٿا. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪس??ان اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن. حڪومت ان??ن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪندي.
سمنڊ پار پاڪستاني پاڪستان ۾ سيڙپاري ڪن، ان راهه ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی