اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته هو بلدياتي حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن، بلدياتي نظام سان جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي جڏهن ته اسلامي اصولن تحت عوام جي هيٺين سطح تي ڀلائي ۽ ترقي ۾ مدد ملندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي حڪومتن بابت قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي دوران مقامي حڪومتن بابت اتفاق راءِ سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئين پاڪستان ۾ به ڪيترائي ڀيرا مقامي حڪومتن جو ذڪر ڪيوو يو آهي، هن چيو ته رياست موثر ب??دياتي نظام جي ذميدار آهي ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهو صوبائي معاملو آهي ۽ صوبن کي بلدياتي نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اختيارن جي روهاست جمهوريت جو حسن آهي، جمهوريي حڪومت ۾ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، آمريت جي دور ۾ بلدياتي نظام تي وڌيڪ ڀاڙيو و??ندو آهي. هن چيو ته دنيا جون پراڻيون ??هذيبون ??ريائن جي ڀرپاسي موجود هيون، سنڌو درياءُ جي تهذيب ۾ بلدياتي نظام جا آثار نظر اچن ٿا ڇو ته ان دور ۾ سيوريج ۽ پاڻي جو مناسب انتظام هو، هن چيو ته بلدياتي نظام بابت ماضي ۾ ڪجهه خاميون هيون ??نهن هوندي به ان حوالي سان آئين ۽ قانون ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته دنيا ۾ هر ملڪ جي جمهوريت ٻين کان مختلف هوندي آهي، اهڙي طرح ڪو بلدياتي نظام به هڪ جهڙو ناهي هوندو، هن چيو ته مقامي سطح تي پاڻ ۾ جهيڙو جرڳي ۽ پ??چا??ت جي ذريعي حل ڪيا ويندا هئا، هن چيو ته بلدياتي نظام بابت ڪانفرنس ۾ ڏنل مشورن کي سياسي حمايت حاصل آهي، اسان کي ماضي جي غلطين ۽ ٻين جي چڱاين مان سکڻ گهرجي، اسان کي منصوبابندي ۽ پرعزم ٿي ڪري پنهنجي سوچ تي عمل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسلامي تاريخ ۾ حضور اڪرم ﷺ جن خلفاءِ راشدين ۽ اعليٰ عملدارن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون ??ن مان هڪ ذميداري عوامي خدمت هئي، ان جو ماڻهن سان رابطو رکڻ ضروري هو، هن چيو ته ڪنهن به عهدي تي ذميدار جو زندگي جو معيار اتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي موجب هجڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ ماڻهن جو احساس پيدا ٿ?? سگهي، گهر جو دروازو سدائين کليل رکيو، ماڻهن سان رابطو رکو ۽ انهن جي خدمت ڪريو، انهن جي پريشانين جو احساس ڪرڻ سياسي عزم آهي، سمورين سياسي پارٽين ۾ اهو جذبو هوندو آهي، هن چيو ته بلدياتي نظام ۾ اختيارن کي منتقل ڪيو و??ندو آهي، وسيلن جي ورهاست ڪئي ويندي آهي، طاقت ۽ اختيارن ۾ گهٽتائي آندي ويندي آهي، انتظاميه جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪيا ويندا آهن، انتظامي خدمتن کي ورهايو و??ندو آهي ته جيئن مقامي ماڻهن کي نوڪريون مل?? سگهن. صدر چيو ته اختيارن جي ورڇ جو مقصد اهو آهي ته نه ئي ڪنهن جي اجاره داري قائم ٿئي ۽ نه ئي انارڪي پيدا ٿئي، ان موقعي تي صدر شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا.
صوبائي حڪومتون بلدياتي حڪومتن بابت پنهنجي ذميداري پوري ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo