اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراع??م جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراع??م جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرو??ت آهي، سيرت النبي ﷺ تي ??مل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ??آبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.
اسد قيصر سان حافظ طاهر محمود اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال