اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي رياض ۾ پنهنجي س??ودي هم منصب شهزاد فيصل بن فرحان آل سعود ??ان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي س??ح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ??يو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ سفارتخاني جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ماحوليات جي حوالي ??ان عالمي ڪانفرنس جي انعقاد تي س??ودي هم منصب کي مب??رڪ??اد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماحوليات جي حوالي ??ان منعقد اها ڪانفرنس خطي ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪ??نفرنس آهي، شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪ??نفرنس جي انعقاد ??ان خطي جي ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي موقف اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفي لاڳاپن ??ان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ سال نيويارڪ ۽ اسلام آباد ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي س??ح تي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي فورمز تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ??يو. پرڏيهي وزير سعودي هم منصب کي افعانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحرن جي خطري کان آگاهه ڪندي افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ عالمي برادري پاران ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي سعودي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste