اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ اهڙي رياست جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي جتي رنگ ۽ نسل، مذهبي، لساني ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي زندگي گذارڻ ۽ تر??ي جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح وزيراعظم عمران خان جو رول ماڊل ??هي، وزيراعظم عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جتي معاشي ۽ ثقافتي قدر مضبوط ۽ عالمي دنيا ۾ ان جو مقام بلند تر هجي. هن چيو ته اسان کي فرقيواريت ۽ شدت پسندي جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کان ڇو??ڪا??و حاصل ڪري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته باباءِ قوم جي پيدائش جي ڏهاڙي تي اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين.
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ بااصول سياسي جدوجهد سان اسان کي آزاد ملڪ جو تحفو ڏنو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo