رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته رشڪ??ي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين رڪاوٽن کي فوري طور تي خ??م ڪيو وڃي. هن اها هدايت رشڪ??ي اقتصادي زون جي دوري دوران جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزي ساجد طوري، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور، چيني ڪمپني جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون تي جاري ڪم جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون 10000 ايڪڙ تي ٻڌل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪ??ي اقتصادي زون کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيبرپختونخواهه اڪنامڪ زونز ڊيولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني ۽ CRBC (هڪ سرڪاري چيني انٽرپرائيز) جي تعاون سان SPV يعني رشڪ??ي اسپيشل اڪنامڪ زون ڊيولپمينٽ اينڊ آپريسن ڪمپني جي ذريعي ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪمپني ۾ KPEZDMC جا 9 سيڪڙو ۽ CRBC جا 91 سيڪڙو شيئرز آهن جيڪو ا?? نوعيت جو پهريون معاهدو آهي. چيني ڪمپني ان خصوصي اقتصادي زون جي آپريشنز جي ذميوار آهي. رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون ۾ لائيٽ انجنيئرنگ، آٽو موٽيو، ڪنسٽرڪشن ۽ فوڊ پروسيسنگ ۽ روانگي واپار کي نظر ۾ رکندي شعبن کي هدف بڻايو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ سڌوسنئون ۽ اڻ سڌيو?? نوڪريون پيدا ڪرڻ ۽ اقتصادي سرگرميون پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون ۾ ٻن صنعتي يونٽس جي تعمير جو ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه وڌيڪ صنعتي يونٽس جي تعمير جي شروعات به جلد ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ زون تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائي ڇڏي آهي جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني زون تائين بجلي جي فراهمي جي لاءِ گرڊ اسٽيشن ٺاهي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڏني ويندڙ مقرر مدي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبا??ي ادارن ۾ جتي جتي هم آهنگي جي کوٽ ۽ مشڪلاتون آهن انهن کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. وڌيڪ اها هدايت ڪئي ته چيني ڪمپني کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن خصوصي اقتصادي زون تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي گڏجي صنعتي ترقي ۽ روينيو وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جون ڪمپنيون هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي س??هن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جي تعمير اسان جي ترجيح آهي. وزيراعظم رشڪئي خ??وصي اقتصادي زون سائيت جو دورو پڻ ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.
رشڪئي اقتصادي زون ۾ ترقياتي ڪم مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪيا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : راکی