اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام کي انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومن جي قرارداد?? ۽ ??شميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود ڄمو?? ۽ ??شمير جو پراڻو تڪرار فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. اڄ جمعي ڏينهن 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن، مسلسل غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ ڪشميري عوام جي ناقابل بيان مصيبتن تي بي حسي کي جاري رکندي ٽي سال گذري چڪا آهن. بي جي پي – آر ايس ايس جي اثر هيٺ ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غيرقانوني والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هندوتوا ايجنڊا کي نڪ نرڄائي س??ن اڳتي وڌائي رهي آهي، ڀارت جي آبادڪاري جي شيطاني سوچ جو محرڪ تڪراري علائقي تي مستقل طور تي قبضو ۽ ڪشميرين جي جدا تشخص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي قابض فوج 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ اضافي فوجين جي مقرري ۽ ميڊيا تي غيرمعولي پابنديون هڻي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل ٽن سالن دوران سنگين طور تي خراب ٿي آهي، ڪشميري عوام اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي، ان جي سينيئر قيادت بدستور قيد آهي ۽ انهن جا نوجوان ڀارتي قابض فوج پاران گهيراءُ ۽ تلاشي، آپريشنز جي ذريعي انڌاڌند عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن، حقيقت ۾ ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان مسلسل محروم رکيو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اميد جي عين موجب ڪشميري عوام انتهائي جرئت ۽ بهادري سان پنهنجي خلاف ڀارتي ظلمن جي مهم کي ناڪام بڻايو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي هر ممڪن حمايت ڪئي آهي، پارليامينٽ ميمبرن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ميمبرن غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي مسلسل آواز اٿاريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ جارح ۽ غاصب طور دنيا جي آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي افسوسناڪ آهي ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڀارت انساني وقار، انصاف ۽ انصاف جي عالمي تصويرن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي ماڻهن جي پنهنجي خودمختياري جي حق جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن تحت ڏني وئي آهي کي حاص ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد کي ڀارتي قابض فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڪشميري عوام جي بي مثال قوت ارادي ۽ همت آهي جنهن انهن کي دهشتگردي ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي. ڀارت پنهنجي سموري ڏاڍ، تشدد ۽ ڌمڪائڻ جي حربن جي باوجود انهن جي آزادي جي تڙپ کي وسائڻ ۽ انهن جي مقامي ۽ جائز مزاحمت کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڄمو?? ۽ ??شمير جو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي. ان پراڻي تڪرار کي فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيئن ئي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جو گهراءُ چوٿين سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڪشمير جي عوام جون نظرون ڀارتي ظلمن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي لاءِ انهن تي ڄمي ويون آهن جيڪي بنيادي حقن ۽ آزادين نيز انساني وقار جا علمبردار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حقيقت ۾ عالمي برادري کي ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ، آبادياتي تبديلين ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته جيئن ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي فوري عملدرآمد ذريعي پنهنجي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي انهن ڪشميري ڀائر?? ۽ ??ينرن جو آواز بڻجندو جيڪي مسلسل لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪست??ن انهن جي جائز حقن کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن حمايت فراهم ڪندو، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد?? ۽ ??شميري عوام جي خواهشن موجب ڄمو?? ۽ ??شمير جي تڪرار جي پرامن حل سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ڪشميري عوام کي انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرايان ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔