اسلام آباد – 10 – آگ??ٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شه??از شريف سان ا??لام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاندهي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح واپاري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو ??نه?? ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ ??ال??ي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگ??ٽ کان جاري پاڪستان جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني وڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پاران ا??تقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز