دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي?? ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪي??. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪي??. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ساراهيو. وزيرا??ظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم قطر جي ويزن 2030?? جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيرا??ظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022?? جي ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??. وزيرا??ظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم جي قطر جي امير جي والد ۽ والده سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے